استنبول (ويب ڊيسڪ) ترڪ هٿياربند فوجن شاخ زيتون جي علائقي ۾ هڪ ڪارروائي دوران 17 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. رپورٽن مطابق بچاءَ واري وزارت پنهنجي بيان ۾ چيو ته ترڪي جي علائقي شاخ زيتون ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش دوران دهشتگردن هڪ ترڪ فوجي کي ماريو هو، جنهن بعد هٿياربند فوجن فوري ڪارروائي ڪندي علائقي کي دهشتگردن کان خالي ڪرايو، ان دوران جهڙپ ۾ 17 دهشتگرد مارجي ويا.
