اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪووڊ- 19 وبا جي ڪري اقتصادي سست رفتاري بعد سيمينٽ جي شعبي جي تيز ترين بحالي وارو عمل جاري آهي. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج کي لسٽڊ سيمينٽ تيار ڪندڙ ادارن طرفان اماڻيل انگن اکرن موجب هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي دوران سيمينٽ جي مقامي صنعت جي ڪارڪردگي ۾ نمايان بهتري ٿي آهي. رپورٽن موجب هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي لاءِ لڪي سيمينٽ 5.13 ارب روپيا ٽيڪس بعد نفعو ڪمايو، جڏهن ته گذريل مالي سال جي ساڳئي عرصي لاءِ ڪمپني جي آمدني 1.53 ارب روپيا رڪارڊ ڪئي وئي هئي. پي ايس ايڪس رپورٽ مطابق هلندڙ مالي سال جي شروعاتي ٽن مهينن دوران ڪوهاٽ سيمينٽ ڪمپني جي آمدني ۾ 475 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي ۽ جولاءِ کان سيپٽمبر 2020ع جي لاءِ ڪمپني جي آمدني 507.1 ملين روپين تائين وڌي وئي. جڏهن ته جولاءِ کان سيپٽمبر 2019ع جي عرصي دوران ڪوهاٽ سيمينٽ 88.2 ملين روپيا آمدني حاصل ڪئي هئي.
206