اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا جا هاڃا ختم نه ٿيا آهن، وبا وگهي وڌيڪ 37 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته 3795 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 3 هزار 795 مريضن جا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 37 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 39 هزار 76 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 12 هزار 720، پنجاب ۾ 14 هزار 577، خيبرپختونخواهه ۾ 5 هزار 550، اسلام آباد ۾ 4 هزار 901، بلوچستان ۾ 224، گلگت بلتستان ۾ 450، آزاد ڪشمير ۾ 654 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 3 لک 56 هزار 542 ٿي چڪو آهي. گلگلت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل 1 هزار 549 وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 353 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 55 هزار 354 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 4 لک 20 هزار 294 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 7 هزار 356، بلوچستان ۾ 17 هزار 466، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 732، اسلام آباد ۾ 32 هزار 816، خيبرپختونخواهه ۾ 49 هزار 676، پنجاب ۾ 1 لک 23 هزار 762 ۽ سنڌ ۾ 1 لک 84 هزار 486 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 8 هزار 398 آهي جن مان سنڌ ۾ 3 هزار 19 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 8 مريض اسپتالن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا، پنجاب ۾ 3 هزار 177 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 14 مريض اسپتالن ۾ جڏهن ته 1 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيو، خيبرپختونخواهه ۾ 1 هزار 413 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 9 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا، اسلام آباد ۾ ڪل 341 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 1 مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيو، بلوچستان ۾ 169 فوتگيون، گلگت بلتستان ۾ 98 فوتگيون، آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 181 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 4 مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جا 57 لک 94 هزار 242 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 616 اسپتالن ۾ 3 هزار 94 مريض علاج هيٺ آهن.
271