228

وفاق پاران صوبن کي سياسي ۽ مذهبي پارٽين جي هٿيار ونگ خلاف قدم کڻڻ جي هدايت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزارت صوبائي حڪومتن کي سياسي ۽ مذهبي پارٽين جي هٿيار ونگز خلاف قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وفاقي گهرو وزارت پاران صوبن کي جاري ڪيل خط ۾ چيو ويو آهي ته مختلف سياسي ۽ مذهبي پارٽين پنهنجي الڳ ٽيم جوڙي رکي آهي جيڪي هٿياربند فوج جهڙي وردي پائي رينڪ لڳائي ٿي، اهڙي مليشيا ٺاهڻ آئين جي آرٽيڪل 256 ۽ نيشنل ايڪشن پلان جي ٽئين نقطي جي ڀڃڪڙي آهي. خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اهڙيون تنظيمون غلط مثال قائم ڪري رهيون آهن، ان معاملي سان دنيا ۾ ملڪ لاءِ ناڪاري تاثر اڀري پيو، ان هٿياربند ونگز خلاف ڪارروائي نه ڪئي وئي ته سيڪيورٽي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي، سموريون صوبائي حڪومتون ترت ان ڳالهه جو نوٽيس وٺن ۽ ان جي روڪٿام لاءِ ترت قدم کڻي، وفاقي حڪومت ان معاملي ۾ هر طرح جي مدد لاءِ تيار آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو