لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ ڪورونا سبب جلسن تي پابندي واري درخواست تي صحت واري سيڪريٽري ۽ ڊي سي لاهور کان جواب طلب ڪري ورتو آهي. عدالت ۾ ڪورونا کان بچاءَ لاءِ سياسي جلسن تي پابندي لڳائڻ ۽ حفاظتي قدمن جا حڪم ڏيڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت صحت واري سيڪريٽري ۽ ڊپٽي ڪمشنر لاهور کان سڀاڻي جواب طلب ڪندي پڇاڻو ڪيو ته ڪورونا جي ٻي لهر تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن؟
344