306

حڪومت گم ٿيل ماڻهن جي ڪٽنبن کي هر مهيني خرچ ادا ڪرڻ جو يقين ڏياري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ حڪومت گم ٿيل ماڻهن جي ڪٽنبن کي هر مهيني خرچ ادا ڪرڻ جو يقين ڏياري ڇڏيو آهي، جڏهن ته عدالت رمارڪس ڏنا آهن ته رياست تي سڀني جو اعتماد ختم ٿي وڃي ته انارڪي پکڙجندي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل آءِ ٽي ماهر ساجد محمود جي بازيابي واري فيصلي تي عمل نه ٿيڻ تي توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، گهرو وزارت گم ٿيلن جي ڪٽنب کي 60 ڏينهن اندر هر مهيني جو خرچ ادا ڪرڻ جو يقين ڏياريو. اسلام آباد هاءِڪورٽ گهرو وزارت پاران يقين ڏيارڻ کانپوءِ توهين عدالت واري درخواست اڪلائيندي پوليس کي گم ڪيل ساجد محمود جي بازيابي لاءِ هر ٻن هفتن کانپوءِ رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. درخواستگذار جي وڪيل جو چوڻ هو ته اسان رڳو عدالتي فيصلي تي عملدرآمد چاهيون ٿا. جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏنا ته فيصلا ڏيڻ کانسواءِ عدالت ڇا ٿي ڪري سگهي؟ رياست چوي ٿي ته اسان شهري کي ڳولهي نه پيا سگهون، هاڻي عدالت پاڻ وڃي ته نه ڳوليندي، عدالت جون ڪجهه حدون آهن، ڇاڪاڻ ته اسان رڳو ڪجهه ڳالهيون رڳو فرض نٿا ڪري سگهون، رياست تي سڀني جو اعتماد ختم ٿي وڃي ته پوءِ انارڪي پکڙجندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو