301

نئون آباد ۾ ڪتا مار مهم شروع نه ٿي، ڪتن ٻن ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو، يوسي سيڪريٽري تي ڪيس داخل

نئون آباد (ن سوڀ)  نئون آباد شهر ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي، انتظاميا پاران ڪتا مار مهم نه ٿي سگهي آهي، رولو ڪتن سومورو ولد گورو ميگهواڙ ۽ سرپو ڀيل کي ڏاڙهي وڌو، رولو ڪتن جي ڏاڙهڻ جو ڪيس سرڪار جي فرياد تي نئون آباد ٿاڻي تي يوسي سيڪريٽري علي شير ڪيرو مٿان داخل ڪيو ويو آهي.  نئون آباد يوسي سيڪريٽري علي شير ڪيرو مٿان نئون آباد ٿاڻي ٻه  ڪيس داخل ٿيڻ باوجود هن وقت تائين ڪتا مار مهم شروع نه ٿي سگهي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو