263

لاهور ۾ ست ورهين جو ٻارڙو بدفعلي کانپوءِ قتل، 2 جوابدار گرفتار، ڏوهه جو اعتراف

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ جوابدارن ست ورهين جي ٻارڙي کي بدفعلي جو نشانو بڻائڻ کانپوءِ قتل ڪري ڇڏيو آهي، پوليس ڪجهه ڪلاڪن اندر ڪارروائي ڪري ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. رپورٽن مطابق لاهور جي علائقي گرين ٽائون ۾ ٻن جوابدارن 7 ورهين جي ٻارڙي احسان علي سان بدفعلي ڪرڻ کانپوءِ سندس ڳلو ڪپي قتل ڪري لاش ڪچري جي ڍير تي اڇلائي ڇڏيو. اطلاع تي پوليس پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو. پوليس شڪ جي بنياد تي مقتول جي ٻن پاڙيسرين افراز ۽ عامر کي گرفتار ڪري ورتو، جن ڏوهه جو اعتراف ڪيو ته احسان کي ورغلائي اسان خالي پيل گهر ۾ وٺي وياسين، جتي کيس بدفعلي جو نشانو بڻايو، پڪڙجڻ واري ڊپ سبب کيس ڇري سان ڳلو ڪپي قتل ڪري ڇڏيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو