291

هٿياربند جٿن بابت گهرو وزارت جو خط سياسي دٻاءَ جي ڪوشش آهي: مولانا فضل الرحمان

لاهور (ويب ڊيسڪ)پي ڊي ايم ۽ جميعت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته هٿياربند جٿن بابت گهرو وزارت جو خط سياسي دٻاءَ جي ڪوشش آهي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان سياسي ۽ مذهبي پارٽين جي هٿياربند جٿن بابت خط کي بدنيتي قرار ڏنو آهي. سندس چوڻ آهي ته هٿياربند ونگ ۽ رضاڪارن ۾ فرق هوندو آهي، رضاڪار انصارالاسلام جا آهن جيڪا جي يو آءِ جي دستوري ونگ آهي، رضاڪار اليڪشن ڪميشن کان رجسٽرڊ آهن. هن چيو ته رضاڪارن تي ڪڏهن به اعتراض ناهي ڪيو ويو، رضاڪار جي يو آءِ (ف) جي دستور جو حصو آهن. هن چيو ته 2001ع ۾ اسان لکين ماڻهن جو جلسو ڪيو، اسان جي رضاڪارن جي پلاننگ کي ان وقت جي گهرو وزير به ساراهيو هو، 2017ع ۾ به اسان جلسا ڪيا، انصارالاسلام جي رضاڪارن سيڪيورٽي سنڀالي، آزادي مارچ ۾ به ان ئي رضاڪارن کي سيڪيورٽي ڏني وئي. هن چيو ته ڏنڊي جي ڪابه رجسٽريشن ناهي ٿيندي ۽ نه ئي لائسنس هوندو آهي، اهڙا خط رڳو سياسي دٻاءُ لاءِ هوندا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو