259

ڪراچي پوليس جو هڪ ٻيو مقابلو ڪوڙو ثابت: سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران پوليس خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ ملوث پوليس پارٽي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. نجي ٽي وي مطابق سنڌ پوليس جو هڪ ٻيو مقابلو ڪوڙو ثابت ٿيو آهي ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ڦورن ۽ پوليس مقابلي ۾ ڏوهاري جي سزا ڪالعدم قرار ڏني آحي، جڏهن ته پوليس پارٽي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ ۽ ايس ايس پي ويسٽ کي کاتيوار ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي. جسٽس نظر اڪبر ۽ جسٽس ذوالفقار احمد خان تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ پوليس مقابلي ۽ غيرقانوني هٿيارن واري ڪيس ۾ سزا خلاف ڏوهاري جي اپيل منظور ڪري ورتي، عدالت پوليس پارٽي خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. پوليس پارٽي ۾ اي ايس آءِ عمران، پوليس ڪانسٽيبلز عارف، سجاد، وقار ۽ فهد علي شامل آهن، جوابدارن ٻن شهرين غلام شبير ۽ غلام رسول کي بيدردي سان قتل ڪيو. عدالتي حڪمنامي ۾ چيو ويو آهي ته پوليس مطابق وڏن هٿيارن سان فائرنگ ڪئي وئي پر واقعي واري هنڌان 3 خول مليا آهن، پوليس جوابدارن کان جيڪي هٿيار هٿ ڪيا ۽ جيڪي خول هٿ ڪيا ويا، اهي به ميچ نه پيا ٿين، ايم ايل او مطابق مقتولن کي 2 فٽن جي مفاصلي تان گولي مٿي ۾ هنئي وئي، جوابدارن خلاف ڌاڙي جون به شاهديون ناهن مليون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو