230

گلگت: عورت سان اجتماعي زيادتي ۾ ملوث ٽن جوابدارن کي موت جي سزا

گلگت (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت عورت سان اجتماعي زيادتي ۾ ملوث ٽن جوابدارن کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٽن جوابدارن کي موت جي سزا ٻڌائڻ سان گڏوگڏ  مٿن 10_10 لک رپيا ڏنڊ پڻ وڌو. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته ٽنهي جوابدارن متاثر عورت کي 7 مهينن تائين زيادتي جو نشانو بڻايو، اجتماعي زيادتي واري ڪيس جو روزاني جي بنياد تي ٽرائل ٿيو ۽ هڪ مهيني جي مختصر عرصي ۾ ڪيس جو فيصلو ٻڌايو ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو