حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ۾ ووٽ جي عالمي ڏھاڙي تي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران ووٽ جي اھميت کي اجاگر ڪرڻ ۽ جمھوري نظام کي ھٿي ڏيارڻ لاءِ اي سي پي آفيس ۾ ڪورونا وائرس سبب سادگي سان تقريب ڪوٺائي وئي، جنھن ۾ ريجنل اليڪشن ڪمشنر حيدرآباد سائين بخش چنڙ، سيد تنوير حيدر اڳوڻو ڊائريڪٽر پي اي سي سنڌ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ڪاليجز عنايت الله، نشات ويلفيئر آرگنائيزيشن جي صدر نثار احمد سومرو، پي ٽي آءِ اڳواڻ انيسا ولي الله، سينيئر صحافي نصير چنا ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ريجنل اليڪشن ڪمشنر سائين بخش چنڙ چيو تھ ووٽ جي تمام وڏي اھميت آھي، جنھن کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ ھيءَ تقريب ڪوٺائي آھي. ھن چيو تھ ووٽ جي صحيح استعمال سان ئي عوام پنھنجا حقيقي نمائندا چونڊي سگھي ٿو، عوام کي ووٽ جي اھميت کي سمجھڻو پوندو، ھن چيو تھ ووٽ وڏي طاقت آھي، عوام کي ووٽ جو استعمال سوچي سمجھي ڪرڻو پوندو. ان موقعي تي ڪنور شجاعت حسين ٻڌايو تھ ڪورونا وائرس سبب اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي حڪم تي جاڳرتا تقريبن کي محدود ڪيو ويو آھي.
355