252

خيبر ٽيچنگ اسپتال معاملو: فوت ٿيندڙ ماڻهن جي وارثن کي 10_10 لک ڏيڻ جو فيصلو

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه حڪومت خيبر ٽيچنگ اسپتال واقعي ۾ فوت ٿيندڙن جي وارثن کي 10_10 لک رپيا مالي مدد ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وڏي وزير جي خاص صلاحڪار ڪامران بنگش پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته خيبر ٽيچنگ اسپتال واقعي ۾ 6 ڄڻا فوت ٿيا، جنهن کانپوءِ شروعاتي جاچ دوران 7 ڄڻن کي معطل ڪيو ويو آهي، واقعي جي تفصيلي رپورٽ 5 ڏينهن ۾ اچي ويندي جنهن کانپوءِ ذميوارن خلاف سخت قدم کنيا ويندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو