304

سنڌ جا شاندار ثقافتي رنگ ۽ هر طرف قومي گيتن جي گونجار…

ليکڪ: محمد فاروق ٻرڙو

 ھونئن ته سنڌي ثقافت جو پسمنظر ھزارين ورھين کان آڳاٽو آهي ۽ اجرڪ جي چٽساليءَ جا اھڃاڻ موھن جي دڙي جي ماڳ مان به مليا، مطلب ته ديس جا رھواسي صديون اڳ به پنهنجي مٽيءَ جي تھذيب ۽ ثقافت سان جسم ۽ روح جيان لازم ملزوم رھندا آيا آهن، اھڙي سگھاري تسلسل جو ڳانڍاپو ته ڪنھن به ريت ٽٽي نه ٿو سگهي، جنهن جو مثال ھاڻي سنڌ واسي ھر سال ڊسمبر جي پهرئين آچر تي پنهنجي ثقافت جو ڏهاڙو ملھائي ڏين ٿا، ڊسمبر 2020ع جو پهرئين آچر تي ھر سال جيان ھن سال به ڪروڙين سنڌي سمورن ننڍن وڏن شهرن، وستين، واھڻن ۾ ثقافتي ريليون ڪڍي ۽ ٻيا پروگرام منعقد ڪري ڀرپور پيار ۽ پاٻوھه جو اظهار ڪيو، ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جي شروع ٿيل ھن تسلسل کي اڄ ھڪ ڏهاڪو مڪمل ٿي ويو آهي ۽ سڀ کان وڌيڪَ سرھائي جي ڳالهھ اھا آھي ته ھن قومي ڏڻ يا قومي ثقافتي عيد جي موقعي تي ھر سال جوش ۽ جذبو نظر اچي ٿو، جيڪڏهن ھن سھڻي ڌرتيءَ تي نظر ڊوڙائينداسين ته سنڌ اھو واحد صوبو آهي، جنهن جو تسلسل ھزارين ورھين کان ھلندڙ آھي ۽ ھلندو پيو اچي، ھن سھڻي ۽ خوشبودار ڌرتيءَ تي عالم حافظ، مفتي اعظم، اولياءَ، پير بزرگ، علماءَ، صوفي مفڪر پيدا ٿيا ۽ ھونئن ته سنڌي ثقافت جو پسمنظر ھزارين ورھيه آڳاٽو آهي، هن ڏهاڙي تي محسوس ائين ٿيندو آهي ته نه رڳو پاڪستان پر سموري ايشيائي خطي توڙي دنيا ۾ جيڪڏهن ھن ڌرتيءَ جي گولي تي حقيقت ۾ ڪا قوم پنهنجي وڏڙن جي ھزارين ورھيه آڳاٽو پسمنظر رکندڙ شاندار ثقافت ۽ تھذيب سان پيار ڪري ٿي ته اھا واقعي سنڌي قوم ئي آهي، جيتوڻيڪ سنڌي ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ واري تسلسل کان پوءِ پاڪستان جي ٻين صوبن ۾ به مقامي سطح تي ڪلچرل ڊي يا ڪلچرل ويڪ ملھائجڻ جا بنياد پيا، جنهن جي سنڌ ۽ سنڌي حمايت پڻ ڪن ٿا پر سنڌي ثقافت کي پذيرائي، مان ۽ مرتبو  تمام گهڻو مليو، سنڌ ھڪ اھڙو صوبو آهي، جتان سموري عالم کي انسانيت سان پيار محبت جو پيغام مليو آهي، جتان ڪڏهن به ڪنھن جنگ، نفرت يا ڪدورت جي پکيڙ ناھي ٿي، ھا اھو ضرور ٿيو آهي جو ھن ديس ۾ آيل ڌارين سنڌي قوم جي ايڪي کي نقصان رسائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي، جنھن لاءِ ڪڏهن برادري تڪرار ڪرايا ويندا آهن ته ڪڏهن وري سنڌين جي عظيم تھذيب ۽ ثقافت تي چٿر ڪرڻ کان به نه ڪيٻايو ويندو آهي پر اھو سنڌين جو ڀرپور قومي اجتماعي شعور آهي جو ھو پنھنجي ثقافت ۽ تھذيب سان اٿاھه چاھه، پيار ۽ پاٻوھه جو اظهار ڪري ھر سال ان کي ڀرپور نموني ملهائيندا آهن، جيڪا ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان پوءِ پرامن رهواسين سان جيڪا روا رکي وئي آهي، اڄ سموري سنڌ مان ڪروڙين آواز بلند ٿي حق، سچ ۽ سونهن جو ھڪ پڙاڏو پيدا ڪندا، جيڪو عمل انھن سمورن تعصبي عنصرن جي سيني تي واھولي جي وار جيان محسوس ٿيندو آھي، بھرحال سنڌي قوم پنهنجي ثقافت سان اڻ کُٽ پيار ڪري ٿي جنهن جو ثبوت هو هر سال ڊسمبر ۾ پنهنجي ثقافت کي اجاگر ڪري ٻڌي ۽ ايڪي جو ثبوت پڻ ڏئي ٿي، اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي ماڻهن جو سنڌ سان نڀاءَ جو اھو سلسلو قيامت تائين جاري رکيو رهندو، ڇاڪاڻ ته سنڌين جي اجتماعي شعور اڳيان تعصب جي ڪا به حيثيت باقي نه ٿي رهي.

اھا ئي سنڌ آ پنھنجي،

 امن جند آ جنهن جي،

انھيءَ تي ساھ گھوري ڇڏ،

 امن ۽ پيار کي آڻي،

 ثقافت کي سنواري ڇڏ.

  farooqburiro9@gmail.com

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو