ليکڪ: عقيل عباسي
تازو 3 ڊسمبر معذورن جي عالمي ڏهاڙي تي پاڪستان جي وزير اعظم عمران خان معذورن کي هر مهيني ۾ ٻه هزار رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، انهي کان اڳ احساس ڪفالت پروگرام ذريعي به غريب، بيواهه، يتيم ۽ لاوارث مستحق عورتن جي مدد ڪئي پئي وڃي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پي ٽي آءِ حڪومت جا صرف اهي ٻئي ئي غريب مستحقن لاءِ بهتر قدم آهن. ڇاڪاڻ ته معذور مائٽن تي ڄڻ ته بار محسوس ڪيا وڃن ٿا، جنهن ڪري اسان جي ملڪ ۾ اڪثر معذور مسئلن جو شڪار آهن. اسان جي 5 سيڪڙو معذور ڪوٽا تي به نارمل ماڻهن کي نوڪريون ڏنيون وڃن ٿيون ۽ اسان اتي جو اتي رهجي وڃون ٿا، هاڻي پي ٽي آءِ جي حڪومت پاران هر قومي سڃاڻپ ڪارڊ رکندڙ نوجوان مرد توري عورت کي ٻه هزار رپيا مهيني ۾ ڏيڻ جو جيڪو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن تي معذورن ۾ خوشي پکڙيل آهي، ۽ معذورن لاءِ سرٽيفڪيٽ ٺهرائڻ جو شرط رکيو ويو آهي، جنهن لاءِ ضلعي سوشل ويلفيئر آفيس وارا معذورن جا باآساني سان فارم ڀري ڏئي ميڊيڪل بورڊ واران ڏانهن اماڻين ٿا، جيڪو سرٽيفڪيٽ ويريفاءِ ڪري ٿو، جيڪڏهن هاڻي به معذورن جي معذور سرٽيفڪيٽ ڏيڻ ۾ هروڀرو جون دشورايون آڻي ڪنهن حوالي سان پريشان ڪيو ويو ته پوءِ هي معذور ڪنهن در دانهن ڏين، وزير اعظم پاڪستان پاران اها ڳالهه واضع ڪئي وئي آهي ته انهي معذور سرٽيفڪيٽ جي هڪ رپيو به فيس ناهي اهو مفت ۾ آهي.