297

ثقافتي ڏهاڙو ۽ سنڌ جي صدين جي دانهن…!!!

ليکڪ: عامر خان مهيسر

آمريڪا جي ليکڪ، فلاسافر ۽ شاعر خليل جبران چيو ھو ته محبت منهنجي ماءُ جو ٻيو نالو آهي ۽ مان سمجهان ٿو ته دنيا جي هر ماءُ جو ٻيو نالو محبت ئي آهي، انهيءَ ڪري ته ڪابه ماءُ پنهنجي ٻار کي نفرت ۽ تعصب جو نه، پر محبت جو سبق ڏئي ٿي، ڌرتيءَ جو درجو به ماءُ جهڙو ئي آهي. ڌرتي جيڪا پنهنجي ٻچن لاءِ سدائين سرسبز رهڻ چاهي ٿي جيئن سندن جي ڇاتي مان نڪرندڙ اناج ان جا فرزند کائي سُکي ستابي زندگي بصر ڪن، پر ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن قوم ۾ نفاق جا ويڇا ڌرتيءَ جي دل ۾ به درد جون لهرون پيدا ڪندا آهن. اهڙين حالتن ۾ وري ڪڏهن ڪڏهن ڪي انفرادي عمل، واقعا ۽ اتفاق قومي ٻڌيءَ جو  سبب به بڻجي ويندا آهن، جن کي فقط مثبت رخ ڏيڻ جي ضرورت هوندي آهي، پنهنجي پنهنجي ڌرتيءَ سان پيار انسانن کان سواءِ جانورن ۽ پکين ۾ به ڏٺو ويو آهي، اهو ئي سبب آهي ته، موسمن جي سختيءَ توڙي خوراڪ جي ڳولا خاطر جانور توڙي پکي ڏوراهان ڏور سفر ڪن ٿا ۽ جڏهن بعد ۾ حالتون سازگار ٿين ٿيون ته اُهي جانور، پکي پنهنجن پنهنجن ماڳن ڏانهن موٽي وڃن ٿا. سنڌ جي ڍنڍن، ڍورن تي سياري جي موسم ۾ نظر ايندڙ پکي هزارين ڪلوميٽرن جي اڏام ڪري، سائبيريا ۽ ٻين سرد علائقن کان اچي سنڌ جي مٺڙي پاڻيءَ تي لهن ٿا، مختلف قسمن جا اُهي پکي، جانور سنڌ ۾ سمورو سيارو گذاري پنهنجي ديس ڏانهن واپس ورن ٿا. پکين جيان انسان به پنهنجي ديس کان دور دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ڇو نه هليو وڃي پر ديس جي مٽيءَ جي ڇڪ سندس ساهه ۾ سمايل رهي ٿي، جيئن فردن جي زندگيءَ ۾ ڪجهه اهڙا موڙ ايندا آهن، جيڪي سندس سوچ توڙي عمل کي تبديل ڪرڻ جو محرڪ بڻجي سگهندا آهن، تيئن قومن جي لاءِ به ڪڏهن ڪي واقعا سوچ جي مختلف ڌارائن کي هڪ ڌارا ۾ تبديل ڪرڻ جو سبب بڻجي پوندا آهن. سوچ جون مختلف ڌارائون جڏهن ڪنهن هڪ خيال جو روپ اختيار ڪرڻ لڳنديون آهن ته قومي توڙي سماجي لحاظ کان تبديليءَ جو سبب پيدا ڪنديون آهن. سنڌ ۾ ايڪتا جي ڏينهن جو تصور به سوچ جي اهڙي ئي ڌارا کي جنم ڏنو آهي، جنهن سنڌ واسين کي هڪ ئي لڙهيءَ ۾ پوئڻ شروع ڪيو آهي، ڊسمبر جو مهينو سنڌ واسين لاءِ ڪافي ڏکارو ۽ غم ڏيندڙ رھيو آھي، انهيءَ مهيني ۾ سنڌ واسين کان دنيا جي عظيم ليڊر سنڌ جي نياڻي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو، سنڌ جو سريلو راڳي سرمد سنڌي، مهان قوي شاعر شيخ اياز ۽ نصرت فتح علي خان جهڙن سميت ڪيترائي دلير، بهادر انسان کسي سنڌ واسين کي سور ڏنا آھن، انهن سورن کي سهندي سهندي ڌرتي جي ڌنارن انهيءَ مهيني جي پهرئين ھفتي جي پهرئين آچر تي سنڌ سان محبت ڪرڻ جو ڏينهن ڪري ملهائڻ جو اعلان ڪيو، جيڪو گذريل يارھن سالن کان ڌرتيءَ جا وارث پڪن، پوڙهن، نوجوانن سميت ڌرتيءَ جون امڙون، ڀينرون ۽ ڌيئرون سنڌ جي ثقافت اجرڪ، ٽوپي ۽ پٽڪو پهري ڌرتيءَ سان نيهن نڀائي وچن ڪندا آھن، سنڌ جي ثقافت ۾ امن، پيار ۽ محبت سمايل آھي، سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ سنڌي ثقافت جون اهڙيون نشانيون آهن، جيڪي سموري دنيا ۾ سنڌ ۽ سنڌ واسين جي سڃاڻپ جو اعليٰ درجو رکن ٿيون. اجرڪ ته موهن جي دڙي کان وٺي اڄ تائين اسان جي ثقافتي سڃاڻپ جو اهڙو اهڃاڻ رهيو آهي، جيئن سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ هر سنڌي بنا ڪنهن مذهبي گروهي يا نظرياتي فرق کانسواءِ اوڍي ٿو، تيئن ئي سمورن سنڌين لاءِ سنڌ هڪ ئي آهي ۽ اهي سدائين سنڌ کي هڪ ئي ڏسڻ چاهين ٿا. تنهن ڪري سنڌ جي تاريخ جي هن موڙ تي اسان کي سمورا ويڇا وساري هڪ سنڌ لاءِ متحد ٿيڻ جي ضرورت آهي. ثقافتي ڏينهن اسان کي هڪ سنڌ ۽ هڪ ثقافت جي مالها ۾ پوئي ڇڏي ٿو ۽ اهو ئي سبب آهي ته هن ڏينهن تي سنڌ جي هر سياسي، مذهبي، علمي، ادبي توڙي سماجي تنظيمون ثقافت جي هڪڙي ئي پليٽ فارم تي گڏ بيٺل نظر اچن ٿيون.جيئن ته ثقافتي ڏھاڙي تي ھر فڪر جو ماڻهو گهر کان ٻاھر نڪري اچي ڌرتيءَ سان نينهن نڀائي ٿو، اھڙي طرح سنڌ واسي هميشه گڏ لاءِ گڏ ٿي اهو پيغام ڏين ته اسان اڄ به متحد آهيون.

Aamirheer2016@gmail.com

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو