ايڊيٽوريل
ثقافتي ڏهاڙي تي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ ڪروڙين سنڌين سنڌ سان محبت جي هن سال به نئين تاريخ جوڙي ڇڏي آهي، نوجوانن، عورتن، ٻڍڙن توڙي ٻارڙن سنڌ امڙ کي پنهنجي بي پناهه پيار جي ڀيٽا پيش ڪري ان جو ڳاٽ اوچو ڪري ڇڏيو آهي، دنيا ۾ موجود قومن منجهان سنڌي قوم به هڪ اهڙي خوشنصيب ۽ عظيم قوم آهي، جنهن جي پنهنجي سرزمين، پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت آهي ۽ اها ايترن ته رنگن ۾ سمايل آهي جو اها سنڌ جي نه پر سموري دنيا جو ڄڻ شان آهي، اهو ئي سبب آهي جو شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه پنهنجو هي آفاقي شعر پيش ڪيو ته؛
”سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار، دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين“ هن شعر مان شاهه سائين سڄي دنيا کي اهو پيغام ڏنو آهي ته سنڌ جي قديم تهذيب ۽ ثقافت پوري دنيا لاءِ محبت ۽ امن جو پيغام رکي ٿي ۽ اهو ئي سبب آهي ته سنڌ هميشه امن، پيار ۽ محبت جو مرڪز رهي آهي، سنڌ ڪڏهن به ڪنهن ٻئي ملڪ تي نه ڪاهه ڪئي ۽ نه ئي جارحيت مڙهي آهي، جڏهن ته سنڌ هميشه ڌارين جي ڪاهن جو مرڪز رهي آهي پر اها سنڌ جي هڪ خوشقسمتي آهي ته باوجود سڀني ڳالهين جي سنڌ جي هي تهذيب هميشه قائم ۽ دائم رهي آهي ۽ اڄ به ان جا ڪروڙين وارث پنهنجي سرزمين تي موجود آهن ۽ انهن جي پنهنجي سرزمين سان لازوال محبت تاريخ جي هڪ نئين دور جي ياد تازي ڪن ٿا، قومون پنهنجا ڏهاڙا ملهائينديون آهن ۽ گڏيل قومن طرفان به مختلف شعبن ۾ عالمي ڏهاڙا جاڳرتا لاءِ ملهايا ويندا آهن پر ثقافت جو ڏهاڙو فقط سنڌ ۾ ئي ملهايو ويندو آهي، هن ڏهاڙي جو بنياد 11 سال اڳ ۾ وڌو ويو ۽ ان کانپوءِ هي لاڳيتو ڏهاڙو ملهايو وڃي ٿو، هر ايندڙ سال سنڌ جي وارثن جي پنهنجي سرزمين سان محبت ۽ پيار جي هڪ نئين تاريخ لکي ٿو، 2020ع جي سال ۾ به سنڌ جا ماڻهو پنهنجي وطن جو ڳاٽ اوچو ڪرڻ جي لاءِ صبح سان ئي گهرن مان ٻاهر نڪري آيا ۽ سموري سنڌ جا شهر، ڳوٺ، وستيون توڙي واهڻ ۽ روڊ رستا جتي ثقافت سان سينگارجي ويا اتي ماڻهن جو سمنڊ به ڇوليون هڻندي نظر آيو، هي محبت جو هڪ اهڙو نظارو آهي جيڪو فقط سنڌ ۾ ئي ڏٺو وڃي ٿو، هر هنڌ قومي ۽ ثقافتي گيتن تي رقص ۽ جهمرين توڙي ثقافتي رنگن سان سموري سنڌ جرڪي پئي ۽ هر گهٽي ۽ هر گام سنڌ سان نينهن نڀائڻ جا وچن ورجايا ويا، سنڌ جو هي جذبو ۽ جنون بلڪل ڏسڻ وٽان آهي ۽ اهو ئي جذبو قومن کي عظيم قوم ۾ تبديل ڪندو آهي، جيڪڏهن قديم سنڌو تهذيب جا وارث ائين ئي پنهنجي ڌرتي سان محبت جي تاريخ لکندا رهيا ته هن سرزمين ۾ ڪير به ميري اک نٿو وجهي سگهي، ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته تاريخي جي هزارين سالن جي سفر ۾ سنڌ ڪافي ڪجهه وڃايو آهي ۽ هاڻي اسان وٽ وڃائڻ لاءِ باقي ڪجهه به ناهي، سنڌ لاءِ چئلينجز جهڙا اڳ هئا تهڙا هاڻي به موجود آهن، تنهن ڪري هن سموري جذبي، شعور ۽ سوچ کي سنڌ جي بقا سان ڳنڍڻ انتهائي ضروري آهي، ان ۾ ئي سنڌ جي ڪاميابي آهي، سنڌ جي ماڻهن کي اسان شاندار ڏهاڙو ملهائڻ تي دل جي گهرائين سان مبارڪباد پيش ڪندي اهو چونداسين ته اهي سنڌ کي هر ميدان ۾ عظيم بڻائين ۽ پنهنجي نئين نسل کي نه فقط سنڌ سان محبت جي سُتي وجهن پر کين اعليٰ تعليم ڏياري سنڌ کي ناقابل شڪست به بڻائين. سنڌ جي ثقافت عظيم آهي ۽ سنڌ جي ماڻهن جي ذهانت جو به ڪو مٽ ڪونهي، پر هڪ منظم پروپئگنڊا تحت سنڌ کي سدائين پوئتي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، تنهن ڪري اسان کي هر ميدان کي مارڻو آهي ۽ ڪوڙن کي گهر تائين پهچائڻو آهي، اسان سمجهون ٿا ته ثقافت جو ڏينهن سنڌ جي ڪاميابي ۽ فتح جو ڏينهن آهي ۽ ان ڏينهن تي هر سنڌي جو ڪنڌ فخر سان بلند ٿئي ٿو. اسان سموري سنڌي جي رهواسين لاءِ دعاگو آهيون ته هي تاابد آباد رهن.مهان ڪوي اياز چواڻي؛
ڪڏهن سنڌ جي سينڌ ميري نه ٿئي،
ڪڏهن موڙ تنهن جا نه مرجهائجن!