264

سنڌين جي پنهنجي ثقافت سان مثالي محبت…

ليکڪ: عزيز ڏاهري

قومون پنهنجي تهذيب، تاريخ، ثقافت، ماڳن مڪانن ۽ وطن جون وارث هونديون آهن، زندهه قومون پنهنجي ثقافت، تاريخ ۽ تهذيب  سان نه رڳو محبت ڪنديون آهن پر قومي ڏهاڙا به ملهائينديون آهن،  ان سان ئي قومن جي دنيا ۾ سڃاڻپ ٿيندي آهي، جن قومن پنهنجي تاريخ کي وساري تهذيب ۽ ثقافت کي نظرانداز ڪيو اهي دنيا جي گولي تان ميسارجي ويون، سڃاڻپ کانسواءِ فردن ۽ قومن جو وجود بي معنيٰ ٿي وڃي ٿو، سنڌي قوم دنيا جي مثالي قوم آهي، جيڪا پنهنجي تاريخ ۽ تهذيب تي فخر ڪري ٿي، جيڪا ثقافت کي پنهنجو شان  ۽ مان سمجهي ٿي، جيڪا پنهنجي ماڳن مڪانن، قومي ورثي جي محافظ آهي، موهن جو دڙو سنڌي قوم جي عظيم ۽ سڌريل هجڻ جو گواهه آهي، جڏهن دنيا جي تهذيب بانبڙا پائي رهي هئي تڏهن سڌي هڪ سڌريل قوم طور پاڻ کي دنيا آڏو متعارف ڪرائي موهن جو دڙو جهڙو مثالي شهر اڏي چڪا هئا، تاريخ شاهد آهي ته سڀ کان پهريان اهي سنڌي واپاري ئي هئا جن جون ٻيڙيون سمنڊ جي سيني تي سوار ٿي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ وڻج واپار لاءِ پهتيون ۽ اتي پنهنجي تهذيب جو اثر ۽ ڇاپ ڇڏي، سنڌو ماٿري جي تهذيب سڄي دنيا ۾ مثالي ۽ منفرد آهي، سنڌ جي ثقافت به هزارين سال قديم آهي، جنهن سڄي دنيا ۾ پنهنجي هڪ نرالي حيثيت ٺاهي آهي، سنڌي ماڻهو پنهنجي ثقافت ۽ تهذيب سان  ڀرپور محبت ڪن ٿا، اجرڪ ٽوپي ۽ پٽڪو سنڌي ماڻهن جي فخر جي علامت آهي، اهو ئي سبب آهي جو ڏيهه توڙي پرڏيهه جا سنڌي پنهنجي ثقافت جو ڏهاڙو  ڀرپور نموني ملهائي محبت جو اظهار ڪندا آهن، سنڌي قوم گذريل ڪيترن ئي سالن کان ثقافت جو ڏهاڙو روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهائي ٿي، ان تسلسل ۾ گذريل ڏينهن پڻ سنڌي ثقافت جو ڏهاڙو قومي ڪاڄ جيان ملهايو ويو، ثقافتي ڏهاڙو سنڌي ماڻهن لاءِ وڌيڪ هڪ عيد بڻجي ويو آهي، نوجوانن سميت هر عمر جا فرد، عورتون ۽ ٻار به ان ڏينهن ۾ وڌي چڙهي حصو وٺن ٿا ۽ هر ڪو ان ڏينهن کي مثالي نموني ملهائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل رهي ٿو، ڏهاڙي کان ڪافي ڏينهن اڳ ئي هر فرد طرفان ايئن تياري ڪئي ويندي آهي جيئن عيد ۽ پنهنجي گهر جي ڪنهن ڪاڄ جي تياري ڪئي ويندي آهي،گذريل ڏينهن پڻ سڄي سنڌ ثقافتي جي رنگ ۾ رنگجي وئي، ثقافت جي انڊلٺي رنگن سڄي سنڌ کي روشن ڪري ڇڏيو، هر عمر ۽ هر طبقي جي فرد هڪ ڀيرو ٻيهر ثقافتي ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهائي سڄي دنيا ۾ پنهنجي ثقافت کي متعارف ڪرايو، ڪراچي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اجرڪ، ٽوپي ۽ پٽڪا پهري لکين ماڻهو روڊن رستن تي نڪري آيا، گهرن ۽ عمارتن کي ثقافتي شين سان سينگاري خصوصي پروگرام منعقد ڪيا ويا ۽ اوطاقون آباد ڪيون ويون، ڪراچي پريس ڪلب آڏو تاريخي ثقافتي ميڙاڪو ٿيو، حيدرآباد ۾ به سڄو ڏينهن ثقافتي ڏهاڙي جو جشن ملهايو ويو، نوجوان گاڏين تي ريليون ڪڍي گشت ۽ گيتن تي رقص ڪندا رهيا، روزاني ”سوڀ“ ۽ ڌرتي ٽي وي ميڊيا گروپ طرفان هن ڀيري سنڌو شينهن درياهه کي گلن جي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو رٿيو ويو، ان ڏس ۾ روزاني ”سوڀ“  جي ايڊيٽر ظهير  ميراڻي، نيوز ايڊيٽر الطاف ڏهراج، جنرل مئنيجر عبدالوهاب سومرو جي قيادت ۾ سنڌو ڪناري المنظر تي رنگا رنگ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ماڻهن جو سمنڊ اٿلي پيو، هزارين مردن، عورتن ۽ ٻارڙن ثقافتي ويس پهري ميڙاڪي ۾ شرڪت ڪئي، گيتن جي گونجار ۾ نوجوانن ڀرپور رقص ڪيو، راڳي دانش منظور ۽ ٻين پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري داد ماڻيو، جنهن کانپوءِ سنڌو بادشاهه درياهه کي گلن ۽ گيتن جي ڀيٽا پيش ڪري سنڌو جي موجن لاءِ دعا گهري وئي، المنظر تي گذريل سڄو ڏينهن ثقافتي ويس پهريل ڌرتي ڌڻين جي اچ وڃ جاري رهي، سڄي سنڌ ۾ ماڻهن پنهنجي گاڏين کي اجرڪ ۽ ٽوپين سان خصوصي طور سينگاريو ۽ عورتن به هن ڀيري اڳ کان وڌيڪ حصو ورتو، عورتن طرفان مختلف انداز ۾ پنهنجي ثقافت سان محبت جو اظهار ڪيو ويو، ذاتين، پارٽين ۽ ويڙهن ۾ ورهايل سنڌي قوم ثقافت ڏهاڙي تي سمورا ويڇا ۽ اختلاف وساري هڪ ٿي ويندي آهي ۽ سڀني جو مقصد به هڪ ئي هوندو آهي پنهنجي ثقافت سان محبت جو اظهار ۽ ان کي اجاگر ڪرڻ، روايتي طور هن ڀيري به آمريڪا، ڪئناڊا، سعودي، جاپان، يو اي اي ۽ ٻين ملڪن ۾ رهندڙ سنڌين ثقافت ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهائي دنيا ۾ پنهنجي ثقافت کي اجاگر ڪيو، ثقافتي ڏهاڙي سان هٿ جي هنر، اجرڪ ۽ ٽوپي جي صنعت کي هٿي ملي آهي، ماڻهو هاڻي ٽوپي ۽ اجرڪ فخر سان پائين ٿا، اجڙيل اوطاقون ٻيهر آباد ٿي ويون آهن، جتي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪچهرين جي ڪوڏين جا ميلا متل رهن ٿا، ڪئناڊا جي صوبي البرٽا ۾ سنڌي ثقافتي جو ڏهاڙو سرڪاري طور تي ملهايو ويو، جتي سنڌي ماڻهن لاءِ عام موڪل ڪئي وئي، ڪئنيڊين وزيراعظم جسٽن ٽروڊو، ڪراچي ۾ واقع آمريڪي قونصل خاني، جاپاني قونصل جنرل، صدر پاڪستان عارف علوي طرفان ثقافت ڏهاڙي تي خصوصي پيغام جاري ڪيا ويا آهن، نامياري صحافي حامد مير، شاهه محمود قريشي ۽ ٻين به سنڌي قوم کي واڌايون ڏنيون آهن، پنجاب جي وزيراعليٰ عثمان بزدار سنڌي قوم کي واڌايون ڏيڻ سان گڏ علڻ فقير جي پورٽريٽ کي وزيراعليٰ هائوس جي سونهن بڻائي ڇڏيو آهي، سنڌي قوم هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا تي اهو واضح ڪيو آهي ته اسان پنهنجي ثقافت، تاريخ ۽ تهذيب جا وارث ۽ ان سان مثالي محبت ڪندڙ پرامن ۽ روشن خيال قوم آهيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو