294

نيوزيلينڊ ۾ موجود قومي اسڪواڊ کي مينيجڊ آئسوليشن ڇڏڻ جي اجازت ملي وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ ۾ موجود قومي اسڪواڊ کي مينيجڊ آئسوليشن ڇڏڻ جي اجازت ملي وئي. ان ۾ شامل 5 ميمبر سڀاڻي اڱاري تي ڪرائسٽ چرچ جي مينيجڊ آئسوليشن ڇڏي ڏيندا. ڇهين ۽ نائيم ڏينهن ڪورونا ايڪٽيو ڪيس رپورٽ ٿيندڙ ٻه ميمبر اڃان هتي ئي پنهنجي آئسوليشن جو مدو پورو ڪندا جڏهن ته ٻئي ميمبر پنهنجي آئسوليشن جو مدو مڪمل ڪندي ئي ڪوئنز ٽائون ۾ موجود اسڪواڊ کي جوائن ڪري وٺندا. قومي اسڪواڊ سڀاڻي اڱاري تي مينيجڊ آئسوليشن ڇڏي ويجهي هوٽل پهچي ويندو جتي ڪجهه ڪلاڪ آرام کانپوءِ اسڪواڊ اڱاري تي ئي ڪرائسٽ چرچ کان ڪوئنز ٽائون روانو ٿي ويندو. مينيجڊ آئسوليشن ڇڏڻ کانپوءِ رانديگرن ۽ سپورٽ اسٽاف تي ڪورونا ايس او پيز لاڳو نه ٿيندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو