سرينگر (ويب ڊيسڪ) غير قانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانرنس عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته هو ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري ڀارتي رياستي دهشتگردي جو نوٽس وٺي ۽ ڪشميري عوام کي انهن جو بنيادي حق خوداراديت وارو حق ڏيارڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سيڪريٽري جنرل مولوي بشير احمد عرفاني سرينگر ۾ جاري هڪ بيان ۾ چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ڪشمير جي حوالي سان ڪيترائي ٺهراءُ منظور ڪيا آهن جن ۾ ڪشمرين کي خوداراديت وارو حق ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته انهن ٺهرائن جي منظوري کي 72 سال گذري چڪا آهن پر اهو مسئلو اڄ به حل طلب آهي. هنن چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جو سلسلو جاري آهي ۽ ڪشميري عوام روزانو پنهنجي جانين جي قرباني ڏئي رهيا آهن پر عالمي ادارو ڀارت آڏو وس نظر اچي رهيو آهي ۽ ٻي دنيا پڻ خاموش تماشائي جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هنن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته هو گڏيل قومن جي ٺهرائن مطابق والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ريفرنڊم ڪرائي.
291