238

ترڪي دوست ملڪ آهي، ساڻس ويجها ثقافتي لاڳاپا قائم ڪنداسين: جارج اريزا

ڪراڪس (ويب ڊيسڪ) وينزويلا جي پرڏيهي وزير جارج اريزا چيو آهي ته ترڪي سان اسانجا لاڳاپا هميشا کان سٺا هئا پر 2016ع ۾ فيتو دهشتگرد تنظيم جي حملي جي قدمن کانپوءِ اهي لاڳاپا پنهنجي عروج تي پهچي ويا آهن. جارج اريزا ترڪي جي انقره يوينيورسٽي جي لاطيني آمريڪا جي شعبي جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر مهمت نجاتي قوتلو جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته ترڪي سان اسان جا لاڳاپا هميشا کان سٺا رهيا آهن پر 2016ع ۾ فيتو حملي کانپوءِ اسان جا ٻه طرفا لاڳاپا پنهنجي عروج تي پهچي ويا آهن. هن چيو ته صدر نڪولس مادورو ترڪي ۾ 15 جولاءِ جي حملي جي مذمت ڪندڙ پهرين سربراهن مان هڪ آهي. هن چيو ته ان کان علاوه ٽرڪش ايئرلائنز ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي فائدو پهچايو آهي پر واپاري لاڳاپا هن وقت تائين گهربل سطح تي ناهن، ايندڙ سالن ۾ اسان ترڪي سان واپار ۾ بهترين انگن اکرن تائين پهچنداسين ۽ ويجها ثقافتي لاڳاپا قائم ڪنداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو