برلن (ويب ڊيسڪ) جرمني جي امن معاهدي بابت انسٽيٽيوٽ مطابق اسرائيل دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ پنهنجي 5.3 سيڪڙو بجيٽ يعني 20 ارب ڊالر برابر فوجي خرچن تي لڳائيندڙ ملڪ آهي. ترڪ خابرو اداري مطابق ان رپورٽ ۾ 151 ملڪن جا فوجي خرچ ٻڌايا ويا آهن جن مان ٻئين نمبر تي آرمينيا ۽ ان کانپوءِ اومان، بحرين، سنگاپور، سعودي عرب، برونائي، روس، ڪويت ۽ اردن جا نالا اچن ٿا. يونان ۾ ان رپورٽ ۾ ٻارهون ۽ ترڪي جو ويهون نمبر آهي.
