275

حيدرآباد ۾ ٻن ورهين جي ٻارڙي پاڻي جي ٽانڪي ۾ ٻڏي فوت، آٽو ڀان ڀرسان پيرسن جو لاش هٿ

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ۾ ٻن ورهين جي ٻارڙي پاڻي جي ٽانڪي ۾ ٻڏي فوت ٿي وئي آهي، جڏهن ته آٽو ڀان ڀرسان پيرسن جو لاش هٿ آيو آهي.  رپورٽن مطابق بلديه ڪالوني واري علائقي ۾ ٻن ورهين جي ٻارڙي انيسه گهر اندر راند کيڏندي انڊر گرائونڊ پاڻي جي ٽانڪي ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي وئي جنهن جي لاش کي سول اسپتال حيدرآباد آندو ويو، جيڪو ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته آٽو ڀان روڊ تي مان جي اسپتال ڀرسان پيرسن جو لاش هٿ آيو آهي، پوليس مطابق اڻڄاتل  تيز رفتار گاڏي جي ٽڪر ۾ 65 ورهين جو هڪ شخص فوت ٿي ويو، جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، فوتي جي لاش کي سول اسپتال حيدرآباد پهچايو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو