287

وزيراعظم پاران منشيات خلاف ويڙهه جو اعلان، نشي جي ڪيسن خلاف سڄي ملڪ ۾ تحريڪ هلائي ويندي: عمران خان

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نشي جي ڪيسن جي خلاف سڄي ملڪ ۾ تحريڪ هلائي ويندي ۽ نئين نسل کي بچائڻ جي لاءِ معاشري کي گڏجي منشيات جي ڏوهن ۽ ڪرپشن سان وڙهڻو آهي، ملڪ ۾ 70 لک نوجوان منشيات جي لعنت جو شڪار آهن، اسڪولن جا ٻار به ان جا عادي بڻجي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اينٽي نارڪوٽڪس (منشيات جي خاتمي) بابت فورس جي هيڊڪوارٽرز جي دوري جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته افغان جهاد کانپوءِ ملڪ ۾ منشيات جي لعنت آئي، ان مسئلي کي سنجيدگي سان نه ورتو ويو ڇو ته خيال اهو هو ته ان سان پاڪستان جو نقصان نه ٿي رهيو آهي پر جنهن شيءَ کي قرآن خراب چيو آهي اها معاشري کي نقصان پهچائي ٿي، منشيات سان پئسو ٺاهيندڙن کي معاشري ۾ خراب نه ٿو سمجهيو وڃي ۽ اهي ماڻهو قابل قبول هئا، اها بدقسمتي هئي، ناجائز طريقن، ڪرپشن ۽ منشيات سان حاصل ٿيندڙ پئسي پاڪستان کي نقصان پهچايو، اهو پئسو سياست ۽ ڪرپشن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ استعمال ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ 70 لک نوجوان نشي جا عادي هجڻ انتهائي ڳڻتي جو سبب آهي، اهو ايترو وڏو انگ آهي ته نيوزيلينڊ ۽ سنگاپور سميت ڪيترن ئي ملڪن جي آبادي به ان کان گهٽ آهي. هن چيو ته هڪ گهر ۾ جڏهن ڪو ماڻهو منشيات ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو ته ان جي ڪري نه رڳو هو پر ان جو سڄو گهر تباهه ٿي وڃي ٿو، نشي جي ڪري هي ماڻهو پنهنجي گهرواريءَ ۽ ٻارن تائين کي نقصان پهچائين ٿا ۽ پنهنجي خاندان کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏين ٿا، معاشري ۾ منشيات جا ڪيس تيزي سان وڌي رهيا آهن، سينٿيٽڪ ڊرگز منشيات جي نئين شڪل آهي جيڪا اسڪولن ۽ تعليمي ادارن ۾ پڻ پکڙجي چڪي آهي، اهڙا ٻار نه ته تعليم حاصل ڪري سگهن ٿا ۽ نه ئي زندگي جي جدوجهد ۾ اڳتي وڌي سگهن ٿا. ننڍي عمر ۾ منشيات جي استعمال کان انهن کي ڇڏرائڻ اڃا به وڌيڪ مشڪل ٿي وڃي ٿو. وزيراعظم چيو ته رڳو اي اين ايف منشيات کي روڪي نه ٿي سگهي، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڏوهن کي اڪيلي سر منهن نه ٿا ڏئي سگهن، سڄي معاشري کي منشيات جي ڏوهن ۽ ڪرپشن سان وڙهڻو آهي، رڳو نيب يا ٻيا ادارا بهتري نه ٿا آڻي سگهن، ڪو به معاشرو ڏوهن، منشيات ۽ ڪرپشن تي گڏيل ڪوششن ذريعي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. وزيراعظم سنگاپور ۽ آمريڪا جو مثال ڏيندي چيو ته جتي ڪرپشن کي برداشت نه ٿو ڪيو وڃي ۽ معاشرا ان کي قبول ناهن ڪندا. وزيراعظم معاشري تي زور ڏنو ته منشيات ۽ ڪرپشن جي خلاف گڏجي وڙهڻو پوندو. هن چيو ته حڪومت سڀني لاڳاپيل وزارتن تي ٻڌل ڪائونسل جوڙي وڃي ته جيئن صحت، تعليم سميت مختلف وزارتون معاشري کي منشيات کان پاڪ ڪرڻ ۽ نوجوان نسل کي بچائڻ جي لاءِ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪن. وزيراعظم يقين ڏياريو ته وسيلن کي نظر ۾ رکندي اي اين ايف ۾ نفري جو انگ وڌائڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا ويندا ۽ لاڳاپيل وزارتن کي به متحرڪ ڪيو ويندو. منشيات جي خلاف سڄي ملڪ ۾ تحريڪ هلائي گڏجي ان سان وڙهنداسين. ان موقعي تي منشيات جي خاتمي وارو وفاقي وزير اعظم سواتي، ڊي جي اي اين ايف ۽ لاڳاپيل عملدار پڻ موجود هئا. ان کان اڳ وزيراعظم عمران خان اينٽي نارڪوٽڪس (منشيات جي خاتمي) بابت فورس جي هيڊڪوارٽرز جي عمارت جو افتتاح ڪيو، شهيدن جي يادگار تي چادر چاڙهي ۽ خراج عقيدت پيش ڪيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو