اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ووٽر ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد ووٽ جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ آهي، ووٽ ذريعي عوام کي پنهنجي مرضي جي قيادت کي چونڊڻ جو موقعو ملي ٿو، جمهوري نظام ۾ هر شهري کي پنهنجي ووٽ وارو حق استعمال ڪرڻ جو حق حاصل آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اهڙن خيالن جو اظهار اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر ووٽر ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته اسلامي جمهوريه پاڪستان جو آئين ملڪ ۾ رهندڙ سڀني ماڻهن کي پنهنجو حق استعمال ڪرڻ ذريعي جمهوري قوتن کي مضبوط بڻائڻ جو مڪمل اختيار ڏي ٿو. اسد قيصر چيو ته چونڊ عمل ۾ عورتن جو ڪردار تمام اهم آهي، جنهن جي ذريعي هو پنهنجي حق جو تحفظ ڪري سگهن ٿيون، پاڪستان جي مجموعي طور تي 97 ملين رجسٽرڊ ووٽرز ووٽ ذريعي پنهنجو حق استعمال ڪري سگهن ٿا، ملڪ ۾ 44 سيڪڙو ووٽرن جي عمر 35 سالن تائين آهي جيڪي چونڊ عمل تي مثبت عمل وجهي سگهن ٿا، مخالف ڌر ۽ حڪومت کي گڏجي اختلافن کي وساري گڏيل طور تي چونڊ سڌارا آڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته جمهوريت عام ماڻهو کي ملڪي معاملن ۾ پنهنجو حصو وجهڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿي، جمهوري استحڪام پيدا ڪري پنهنجي وطن کي هڪ ترقي يافته ملڪ بڻائي سگهون ٿا، جمهوريت ۾ عوام کي پنهنجي مرضي جي قيادت کي چونڊڻ جو اختيار حاصل آهي. هن چيو ته جمهوريت جي تسلسل کي برقرار رکڻ لاءِ ووٽر جي فيصلي کي اهميت ڏيڻي پوندي. جمهوريت هوندي هر ماڻهو کي پنهنجي حق کي استعمال ڪرڻ جو مڪمل اختيار حاصل آهي. ان حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو ته ووٽ جي طاقت عوام کي هڪ مخلص قيادت چونڊڻ جو حق ڏي ٿي، اسان پنهنجي ووٽرن ذريعي ملڪ کي بهترين قيادت ڏئي ان کي هڪ روشن مستقبل ڏئي سگهون ٿا. هن چيو ته ميڊيا تي لازمي آهي ته اها عوام ۾ ووٽ جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.
273