282

حڪومت پاڻ وڃڻ واري آهي، ان جي ايف آءِ آر جي ڪابه حيثيت نه آهي: ن ليگ اڳواڻ مريم نواز

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جو چوڻ آهي ته حڪومت جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن جعلي وزيراعظم جي گهر وڃڻ جو  حڪومت پاڻ وڃڻ واري آهي، ان جي ايف آءِ آر جي ڪابه حيثيت نه آهي، وقت اچي ويو آهي. مريم نواز عوامي رابطا مهم دوران ميڙ کي خطاب ڪندي عوام لاهور جلسي جي شروعات اڄ کان ئي ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم تي تنقيد ڪندي مريم نواز جو چوڻ هو ته تابعدار خان ڪالهه چئي رهيو هو ته لاهور جو جلسو نه روڪيندس، کيس خبر هئي ته لاهور جو جلسو نه رڪجندو. هن چيو ته جيڪڏهن ملتان ۾ جلسو ٿي سگهي ٿو ته لاهور پوءِ به لاهور آهي، لاهور قوم کي ميان نواز شريف جهڙو پٽ ڏنو، لاهور واري جلسي کي آخر ۾ ان لاءِ رکيو ويو جو اهو فيصلو ڪندڙ هو،  حڪومت جا ڏينهن ڳڻجي چڪا، جعلي وزيراعظم جي گهر وڃڻ جو وقت اچي ويو آهي، حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ واري ذميواري لاهور تي وڌي وئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو