282

ريڊ زون ۾ فائرنگ واري معاملي تي ايڊيشنل سيشن جج عهدي تان برطرف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي ريڊ زون ۾ فائرنگ واري معاملي تي ايڊيشنل سيشن جج جهانگير اعواڻ کي عهدي تان برطرف ڪيو ويو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار جج جي برطرفي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو، جنهن ۾ کيس مس ڪنڊڪٽ جو ڏوهاري قرار ڏنو ويو آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن ايڊيشنل سيشن جهانگير اعواڻ ريڊ زون ۾ جهيڙي تي فائرنگ ڪئي، چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله جهانگير اعواڻ کي ٻڌڻي جو موقعو ڏنو پر هو صفائي پيش ڪري نه سگهيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو