ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ڪورونا جي ٻهر لهر: پوري ملڪ ۾ 24ڪلاڪن دوران وڌيڪ 89 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته 2885 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن پوري ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿيندڙن جو وڏو انگ ڪراچي سان آهن، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ ۾ مثبت ظاهر ٿيڻ وارن ڪيسن مان 21.80 سيڪڙو جو تعلق ڪراچي آهي جنهن سبب ڪراچي پهرئين نمبر تي اچي ويو آهي، جڏهن ته ڪورونا ڪيسن ۾ ٻئي نمبر تي آزاد ڪشمير جو شهر ميرپور آهي جتي مثبت ڪيس ظاهر ٿيڻ جو 18.31 سيڪڙو آهي، اين سي او سي جي رپورٽ مطابق سنڌ صوبي ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 13.87 سيڪڙو، آزاد ڄمون ڪشمير ۾ 9.77 سيڪڙو، بلوچستان ۾ 8.68 سيڪڙو، خيبر پختون خواهه ۾ 9.69 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 4.88 سيڪڙو ۽ پنجاب ۾ 4 سيڪڙو آهي. ان کان علاوه گلگت بلستان ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 2.78 سيڪڙو ٿي جڏهن ته مظفر آباد ۾ 16 سيڪڙو ريڪار ڊ ڪيو ويو آهي. اين سي او سي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته پوري ملڪ ۾ ڪورونا جي 2486 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. ياد رهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ 5 مهينن واري عرصي جو رڪارڊ ٽٽي ويو آهي، جڏهن ته 2885 نواز ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. رپورٽ مطابق ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب فوت ٿيلن جو تعداد 8487 تائين پهچي ويو آهي.مجموعي طور تي 4 ڪل 23179 تائين مريضن جو انگ آهي جڏهن ته فعال ڪيسن جو تعداد 44218 آهي
199