264

پي ڊي ايم اجلاس: جي يو آءِ پاران جيل ڀريو تحريڪ هلائڻ ۽ نواز شريف پاران پي ڊي ايم ۾ اسيمبلي ميمبرن کي مولانا فضل الرحمان وٽ استعيفائون جمع ڪرائڻ جي تجويز

لاهور (ويب ڊيسڪ) حڪومت مخالف پارٽي تي ٻڌل حڪومت مخالف اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ ( پي ڊي ايم) ۾ شامل پارٽين جي سربراهن جو هڪ اهم اجلاس اڄ هتي اسلام آباد ۾ جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ ٿي گذريو، ميڊيا رپورٽ مطابق  اجلاس ۾ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سوڌو اتحاد ۾ شامل سمورين پارٽين جا مرڪزي اڳواڻ شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ پ پ پ جو ڪو چيئرمين آصف علي زرداري ۽  ن ليگ جي اڳواڻ ميان نواز شريڪ وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا،  اجلاس ۾ ملڪي صورتحال ۽ حڪمرانن خلاف جاري تحريڪ جي  ڪارگذاري سوڌو اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي داخل ڪيسن، تشدد ۽ ٻين مامرن تي ڳالهايو ويو، اجلاس ۾ جي يو آءِ پاران  مولانا فضل الرحمان جيل ڀريو تحريڪ هلائڻ جي تجويز پيش ڪئي  جڏهن ته  اڳوڻي وزيراعظم ۽ نواز ليگ اڳواڻ نواز شريف پاران پي ڊي ايم ۾ اسيمبلي ميمبرن کي مولانا وٽ استعيفائون جمع ڪرائڻ جي تجويز  پئي ميڊيا رپورٽ مطابق حڪومت مخالف اتحاد ۾ شامل سمورين پارٽين جي اڳواڻن نواز شريف جي تجويز جي حمايت ڪئي آهي. هوڏانهن نواز ليگ جي اسيمبلي ميمبرن پارٽي قيادت کي پنهنجون استعيفائون موڪلڻ شروع ڪري ڇڏيون، ميڊيا رپورٽ مطابق نواز جي اسيمبلي ميمبرن پنهنجي پارٽي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خلاف پنهنجون استعيفائون پارٽي قيادت کي موڪلڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن ميڊيا ذريعن موجب  لاهور مان قومي اسيمبلي جي ميمبر افضل کوکر ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبر سيف کوکر استعيفائون پنهنجي قيادت وٽ جمع ڪرائي ڇڏيون آهن، جڏهن ته سرگودا مان اين اين اي رانا منور غوث به پنهنجي استعيفيٰ پارٽي قيادت کي موڪلي ڇڏي آهي، ذريعن موجب بصير پور مان ايم پي اي افتخار ڇڇر  به پنهنجي استعيفيٰ پارٽي قيادت کي موڪلي ڇڏي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو