264

سنڌ ايڪشن ڪميٽي ٻيٽن تي وفاق جي والار خلاف مرحليوار احتجاجي تحريڪ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڄامشورو (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ٻيٽن ۽ زمينن تي وفاق جي قبضي خلاف سنڌ ايڪشن ڪميٽي ٽن مهينن جو احتجاجي تحريڪ وارو شيڊول پڌرو ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو سربراهي اجلاس سيد جلال محمود شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾  سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي، جسقم اڳواڻ اسلم خيرپوري، جيئي سنڌ قومي  پارٽي جي اڳواڻ نواز خان زنئور ، جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳواڻ ديدار شام، عوامي جمهوري پارٽي جي اڳواڻ نور نبي راهوجو، بلوچستان نيشنل پارٽي اڳواڻ تاج مري، عوامي ورڪرز پارٽي اڳواڻ لطيف لغاري ، پورهيت مزاحمت تحريڪ جي اڳواڻ مسرور شاھ، روشن علي ٻرڙو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾  شھيد الطاف جسڪاڻي جي قتل جي مذمت ڪندي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو، جڏهن ته ڪامريڊ اظھر جتوئي، پروفيسر قلندر شاھ لڪياري، غلام علي الانا ۽ در محمد پالاري لاءِ فاتح پڙھي وئي. اجلاس ۾ ٿرمل پاور هائوس ۽ پاڪستان اسٽيل ملز کي امڪاني طور نجڪاري ۾ ڏيڻ ۽ ادارن مان پورهيتن کي برطرف ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي.  اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي اڳواڻن ٽن مهينن جو احتجاجي تحريڪ وارو شيڊول پڌرو ڪري ڇڏيو آهي. پريس ڪانفرنس ڪندي سيد جلال محمود شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن، وفاق کي ڪنهن به آرڊيننس ذريعي سنڌ جي زمين تي والارڪرڻ نه ڏني ويندي، سنڌ جو عوام انهيءَ آرڊيننس جي رد ٿيڻ تائين ڀرپور مزاحمت ڪندو. هن چيو ته آرڊيننس جاري ڪندڙ وفاقي سرڪار کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته پاڪستان گهڻ قومي وفاق آهي، جنهن ۾ شامل سڀ قومون برابري جي حيثيت ۽ حق رکن ٿيون، اسان جي سرزمين ڪا مقبوضا يا مفتوحا ڪونهي جنهن تي اسلام آباد جي سرڪار انهي آرڊيننس جي وسيلي والار ڪري. سيد جلال محمود شاهه چيو ته پاڪستان جي آئين ۾ سڀني قومي وحدتن جي جاگرافيائي تحفظ جو يقين ڏياريل آهي، پر هي ٻيٽن تي وفاقي اٿارٽي ٺاهڻ جو آرڊيننس ٻڌائي ٿو ته اسين پاڪستان اندر محڪوم آهيون جنهن ڪري سرزمين سنڌ تي اسرائيل وانگر اٿارٽي ۽ ترقي جي نالي تي قبضو ڪيو وڃي ٿو. هن چيو ته  پي ٽي آءِ جي هاڻوڪي وفاقي سرڪار سان گڏوگڏ سنڌ جي پيپلز پارٽي جي سرڪار به سنڌ جي ٻيٽن واري معاملي تي ٻٽي راءِ رکي سنڌ جي عوام کي دوکي ۾ رکي رهي آهي، گورنر سنڌ اهو تسليم ڪري ٿو ته ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن پرانهي تي جاري ڪيل آرڊيننس کي سنڌ جي مفادن خلاف ڪونه ٿو سمجهي ۽ مٿان وري وفاقي وزير اها دعويٰ ٿو ڪري ته ٻيٽ پورٽ قاسم اٿارٽي جي ملڪيت آهن. سيد جلال محمود شاهه چيو ته  سنڌ اسيمبلي جي قرارداد پاس ٿيڻ باوجود وفاقِ پاڪستان غيرقانوني سنڌ جي ٻيٽن متعلق مختلف سرمائيدار ڪمپنين سان معاھدا ڪري رھيو آھي،  اھڙي صورتحال جي ڪري سنڌ جي عوام اندر تمام گھڻي بيچيني آھي، ٻيٽن واري معاملي تي سنڌ سرڪار جو ٻٽو ۽ منافقاڻو رويو رھيو آھي،ان ڪري سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي پليٽ فارم تان نيندرلينڊ  جي رياست کي خط لکيو ويندو، جنھن ۾ سنڌي قوم جو اعتراض ڄاڻايو ويندو ته سنڌ جي ٻيٽن متعلق نيندرلينڊ جي ڪمپني پاڪستان جي وفاقي سرڪار سان غيرقانوني معاھدو ڪيو آھي. سيد جلال محمود شاهه چيو ته ٻيٽن تي وفاق جي قبضي خلاف ڊسمبر جي آخري ھفتي ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ميزباني ھيٺ ملڪي سطح جي گھڻ قومي ڪانفرنس سڏائي ويندي، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ميزباني ھيٺ 26 ڊسمبر 2020ع تي شھيد الطاف جسڪاڻي جي چاليھي جي موقعي تي ٽنڊوالھيار ۾ عام جلسو ڪيو ويندو، جنھن ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جا مرڪزي اڳواڻ شرڪت ڪندا، 17 جنوري تي  قومي رھبر سائين جي ايم سيد جي سالگرھ جي موقعي تي سنڌ ايڪشن ڪميٽي جون مختلف پارٽيون  سن ۾ عام جلسو ڪوٺائينديون، سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران 31 جنوري 2021ع تي لاڙڪاڻي ، 14 فيبروري تي ميرپور خاص ۽ 28 فيبروري تي سکر ۾ احتجاجي ريليون ڪڍيون وينديون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو