285

مقصودو رند ۾ پيرسن عورت جو جوابدار جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو

مقصودو رند (ن سوڀ) مقصودو رند ويجهو ڳوٺ گل خان عمراڻي جي رهواسڻ پيرسن عورت دراتون بروهي زال عبدالغني بروهي پنهجي پٽ حميد بروهي سان گڏجي نيشنل پريس ڪلب مقصودو رند ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو پيرسن عورت سنجهورو پوليس ۽ منگلي پوليس پاران تذليل ڪرڻ تي صحافين اڳيان لڙڪ وهائيندي ڳالهائيندي چيو ته آئون رائوتياڻي ڀرسان پنهجي پوٽي سان ملڻ ويس اتي وحشي جوابدار محمد رحيم بروهي مون سان ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي ۽ گهلي گهر کان ٻاهر جهنگ ۾ وٺيو پئي ويو مزاحمت ڪرڻ تي منهنجا ڪپڙا ليڙون ليڙون ٿي ويا ۽ مون رڙيون ڪيون جنهن تي وحشي جوابدار ماڻهو ڏسي فرار ٿي ويو ۽ آءُ اتي زخمي حالت ۾ روڊ تي پيل هئس ٻن ڪلاڪن کان پوءِ سنجهورو پوليس پهتي ۽ مون کي سنجهوري ٿاڻي کڻي آئي جتي تقريبن 6 ڪلاڪ  مون کي ويهاري چيائون ته جوابدار کي گرفتار ڪري اچون ٿا پر ڇهن ڪلاڪن بعد پوليس خالي هٿين واپس آئي هاڻي پوليس ڪيس به نه ٿي وٺي هن آءِ جي سنڌ پوليس، ڊي.آئي.جي شهيد بينظير آباد ۽ ايس.ايس.پي سانگهڙ کي اپيل ڪئي ته مون سان پيش آيل واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي جوابدار کي گرفتار ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو