238

ملڪ جو مشهور واپاري ۽ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جو اڳوڻو صدر سراج قاسم تيلي لاڏاڻو ڪري ويو

 ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) ملڪ جو مشهور واپاري ۽ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جو اڳوڻو صدر سراج قاسم تيلي لاڏاڻو ڪري ويو آهي. سراج قاسم تيلي جي خاندان جي ذريعن تصديق ڪندي چيو آهي ته ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جو اڳوڻو صدر ۽ سماج سڌارڪ سراج قاسم تيلي لاڏاڻو ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب هو ڪيتري عرصي کان روزگار جي سلسلي ۾ دبئي ويل هو جتي هو نمونيا جي شڪار ٿي ويو ، جنهن کان پوءِ اڄ لاڏاڻو ڪري ويو آهي،  سراج تيلي جو شمار نه صرف ڪراچي پر ملڪ جي وڏن واپارين ۾ ٿيندو هو ۽ ڪراچي جي سماجي ڪارڪن ۽ سخي مڙس هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو