272

سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران آبپاشي کاتي جي زمينن تان قبضا ختم ڪرائي سموريون عمارتون ڊاهڻ جو حڪم

سکر ( ويب ڊيسڪ)سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران آبپاشي کاتي جي زمينن تان قبضا ختم نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ٻن ڏينهن اندر ڪمرشل عمارتن سوڌو سموريون عمارتون ڊاهڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ آبپاشي کاتي جي سرڪاري زمينن تي ٿيل قبضن بابت ڪيس جي ٻڌڻي تي جنهن ۾ روينيو، آبپاشي کاتي طرفان رپورٽ پيش ڪندي قبضا ختم ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي وئي، جنهن عدالت سڳوري عملدارن کان پڇاڻو ڪيو ته ٻن هفتن جي مهلت باوجود آبپاشي کاتي جي سرڪاري زمينن تان قبضا ڇو ناهن هٽايا ويا، پوليس وارا به پنهنجي ذميواري نه ٿا نڀائين ته اهي به جيل ويند.ا عدالت سڳوري ڪچي جي علائقن توڙي آبپاشي زمينن تي موجود زمينداري بند ختم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته  ڪير ڪيترو به بااثر ڇو نه هجي، ان کي معاف نه ڪيو ويندو، قبضا ڇڏائڻ لاءِ فوج ۽ رينجرز کان مدد ورتي وڃي. ٻڌڻي دوران ٻيلي کاتي طرفان پيش ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پوليس  بااثر قبضا مافيا سان ٻٽ بڻيل آهي ۽ قبضا ڇڏائڻ لاءِ آپريشن ۾ ڏکائيون پيش اچن ٿيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو