چوهڙ جمالي (ن سوڀ )چوهڙجمالي شھر جو مک روڊ چوهڙ سجاول روڊ ۽ چوهڙ شاھ يقيق روڊ جيڪو بلوچ پمپ کان الهارون هوٽل ۽ الهارون هوٽل کان شاهبندر چوڪ تائين ٽٽي تباھ ٿي ويو آھي ڪجهھ سال اڳ تعمير ڪرايل روڊ ناقص مٽيريل سبب پنهنجي اصل شڪل وڃائي مٽي جي ڍيرن ۽ کڏن ۾ تبديل ٿي ويو آھي جنهن جي ڪري روڊ جو ڪو نشان ئي نظر نٿو اچي، چوهڙ جمالي شھر جي مک روڊ ۾ کڏا هجڻ ڪري برسات توڙي ڪنهن ايمرجنسي جي صورت ۾ شھرين ۽ ٽرانسپورٽرن کي تمام گهڻو پريشان ٿيڻو پوي ٿو ڪجهھ مهينا اڳ ٽائون ڪميٽي انتظاميا پاران ساڳئي روڊ کي مڪمل طور تي پيور بلاڪ سان ٺاهڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو هو جيڪو هائي اسڪول جي گيٽ کان شروع ٿي المدينه مسجد جي گيٽ تي پهتو هو ته بلدياتي مدو ختم ٿيڻ سبب ڪم اڌ ۾ رڪجي ويو جيڪو اڃا تائين شروع نه ٿي سگهيو آھي ڄاڻو ذريعن موجب ٺيڪيدار بل نه ملڻ ڪري پنهنجو سمورو مٽيريل ۽ پيور بلاڪ واپس کڻائي ويو آهي، جڏھن ته اهڙي عمل خلاف شهرين پاران سخت احتجاج ڪيو ويو هو پر شھرين کي سونهري خواب ڏيکاريندڙ ڪامورن ۽ بلدياتي ايڊمنسٽريٽر جي ڪن تي ڪابه جون نه سري آهي جنهن جي ڪري مين روڊ دردن جو داستان بڻيل آھي جنهن سبب شھري تمام گھڻين تڪليفن کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن ٻئي طرف هتان جي شھرين توڙي سياسي سماجي ڌرين سنڌ حڪومت ۽ ٻين ارباب اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو آھي ته چوهڙجمالي شھر جي مک روڊ جي مرمت ڪرائي وڃي ۽ اڌ ۾ رڪيل پيور بلاڪ جي ڪم کي ٻيهر شروع ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو
197