واشنگٽن/پيرس/نئين دهلي/ريو ڊي جنيرو (ويب ڊيسڪ) سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي وبا سبب 15 لک 50 هزار حياتيون ضايع ٿيون آهن. مختلف ملڪن ۾ موذي وائرس سبب متاثر ماڻهن جو انگ 6 ڪروڙ 79 لک کان به وڌي ويو آهي. اڱاري تي آمريڪي سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ڪورونا وائرس جي متاثر مريضن جو انگ 06 ڪروڙ 79 لک 38 هزار 995 آهي . وائرس سبب متاثر ملڪن ۾ هاڻي تائين 1550263 فوت ٿي چڪا آهن. سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي فعال متاثرن جو انگ 19365157 آهي. ڪورونا وائرس وبا سبب آمريڪا سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي. برازيل ڪورونا وائرس سبب فوتين جي لحاظ کان ٻئين ۽ مريضن جي حوالي کان ٽئين نمبر تي آهي جڏهن ته ڀارت ڪورونا وائرس جي مريضن جي انگ جي اعتبار کان ٻيون ۽ فوتگين جي انگن اکرن سبب ٽيون شديد متاثر ملڪ آهي. آمريڪا ۾ ڪورونا وائرس جي وبا سبب متاثر ماڻهن جو انگ هڪ ڪروڙ 53 لک کان وڌي ويو آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ وائرس سبب هاڻي تائين 2 لک 90 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. ڀارت ۾ موذي ڪورونا وائرس متاثرن جو انگ 97 لک آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوارن ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا 32981 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. انتظاميه جو چوڻ آهي ته ان دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 391 ماڻهو فوت ٿيا آهن. جنهن کانپوءِ ڀارت ۾ ڪورونا وائرس سبب هاڻي تائين مجموعي طور تي 140994 ڄڻا فوت ٿيا آهن. لاطيني آمريڪي ملڪ برازيل ۾ موذي ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو انگ 66 لک 28 هزار آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ وائرس سبب هيل تائين 177388 فوت ٿي چڪا آهن. فرانس م ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو انگ 22 لک 95 هزار کان وڌي ويو. ملڪ ۾ هيل تائين موذي وائرس سبب 55 هزار 5 سئو کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. برطانيه ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو انگ 17 لک 37 هزار کان وڌي ويو، ملڪ ۾ هاڻي تائين موذي وائرس سبب 61 هزار 4 سئو کان وڌيڪ فوت ٿي چڪا آهن
257