اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سي پيڪ تحت گوادر ۾ قائم ڪيل صنعتن سبب ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو. سي پيڪ اٿارٽي جي اختيارين مطابق سي پيڪ جي ٻئين مرحلي ۾ صنعتي سهڪار سميت ٻين شعبن ۾ ڪم جاري آهي جڏهن ته روانگي واپار تي ٻڌل ترقي جي حڪمت عملي جي نتيجي ۾ روانگي واپار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ سائنس، زراعت ۽ تعليم جي شعبن ۾ هٿي سان پاڪستان جي عوام کي فائدو ٿيندو
