174

ڀارتي رياست گجرات ۾ ڦاٿل 4 ماڻهن تي مشتمل خاندان حيدرآباد پهچي ويو، آجيان

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست گجرات ۾ ڦاٿل 4 ماڻهن تي مشتمل پاڪستاني خاندان وطن واپس پهچي ويو. پاڪستان پهچڻ تي سندن ڀرپور آجيان ڪئي وئي. اسسٽنٽ ڪمشنر تعلقي ٻهراڙي حيدرآباد قنديل فاطمه ميمڻ پاران ڀارتي رياست گجرات مان آيل ڪٽنب جي آجيان ڪئي وئي. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر قنديل فاطمه ميمڻ پنهنجي آفيس جي احاطي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته نار خان، مسمات شموري، ونود ۽ مسمات سنترا 25 ڏينهن جي ويزا تي مذهبي رسمن جي ادائيگي  لاءِ  هلندڙ سال فيبروري ۾ ڀارت ويا هئا جتي سندن ويزا جو مدو ختم ٿيڻ بعد ڀارتي حڪومت پاران کين پاڪستاني جاسوس سمجهي ساڻن انتهائي غير مناسب سلوڪ ڪندي کين 10 مهينن تائين  ڀارت ۾ روڪيو ويو. جنهن بعد پاڪستاني حڪومت جي ڪوششن سان ڄاڻايل خاندان گذريل ڏينهن حيدرآباد پهتو. ڄاڻايل ڪٽنب جو تعلق بهڻ موري هوسڙي تعلقي ٻهراڙي سان آهي ۽ اهي هتي مزدوري ڪري پنهنجو گذرسفر ڪندا آهن. هن چيو ته ڀارت پاران پاڪستانين سان ناروا سلوڪ جي داستانن جي حوالي سان تاريخ ڀري پئي آهي ۽ تاريخ ان ڳالهه جي گواهه آهي ته ڀارت هميشه پاڪستانين سان بدترين سلوڪ ڪيو آهي. هن ٻڌايو ته متاثر ڪٽنب پاڪستان پهچڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي ۽  پاڪستان پهچڻ تي تمام گهڻا خوش آهن. اسسٽنٽ ڪمشنر وڌيڪ ٻڌايو ته ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو جي خاص هدايتن تي ڀارت مان آيل خاندان کي  کاڌ خوراڪ سميت ضروري سامان ۽ ٻيا تحفا فراهم ڪيا ويا آهن. هوڏانهن نار خان، مسمات شموري، ونود ۽ مسمات سنترا صحافين کي ٻڌايو ته اهي پنهنجي ڌرتي تي پهچڻ تي خوش آهن ۽ ڀارت ۾ ساڻن جيڪو ورتاء ڪيو ويو ان تي انتهائي افسوس آهي

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو