176

پوپ فرانسس پاران ايندڙ سال عراق وڃڻ جو اعلان، ڪورونا وبا کانپوءِ پهريون ڀيرو پرڏيهي دوري ۾ ويندو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عيسائين جي روحاني پيشوا پوپ فرانسس ايندڙ سال مارچ ۾ عراق جي دوري جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ويٽيڪن نيوز مطابق پوپ فرانسس جو اهو عراق جو دورو عالمي وبا ڪورونا جي 15 مهينن ۾ ڪنهن به ملڪ جو پهريون دورو هوندو. ڪورونا وائرس جي شروعات کان پوءِ پوپ فرانسس پهريون ڀيرو اٽلي کان ٻاهر ڪنهن جاءِ تي ويندو. هڪ نجي ٽي وي چينل موجب پوپ فرانس عراق جي گادي واري شهر بغداد ۾ ترسندو، رپورٽ موجب پوپ فرانسس 5 کان 8 مارچ تائين عراق ۾ رهندو. روحاني پيشوا جي دوري جو مقصد سڄي دنيا ۾ صحت جي ايمرجنسي پروگرام بابت ماڻهن کي آگاهي ڏيڻ آهي. پوپ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ان دوري سان عراق جو هڪ مقصد عراقي عوام سان همدردي جو اظهار پڻ آهي. هوڏانهن عراق ۾ پوپ فرانسس جي ان دوري کي تاريخي دورو پڻ قرار ڏنو ويو آهي. واضح رهي ته عراق ۾رڳو هڪ سيڪڙو عيسائي رهن ٿا، جڏهن ته اتي مسلمانن جي اڪثريت آهي

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو