227

وفاقي ڪابينا پاران مخالف ڌر جي جلسن تي ڳڻتي ظاهر، فرانس سان تعلق ختم ڪرڻ واري معامري تي مسلم دنيا سان صلاح مشوري جو فيصلو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا ڪورونا باوجود مخالف ڌر جي جلسن تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته وزيراعظم عمران خان توهين آميز خاڪن کان پوءِ فرانس سان تعلق ختم ڪرڻ واري معامري تي مسلم دنيا سان صلاح مشوري جو فيصلو  ڪري ورتو آهي، ان سلسلي ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کي اسلامي ملڪن سان رابطي جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو آهي، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي ميمبر ملڪن سان رابطن کان پوءِ  وفاقي ڪابينا کي آگاهه ڪندو، ياد رهي ته گستاخ خاڪن جي معاملي تي فرانس سان تعلقاتن کي ٽوڙڻ جي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست تي عدالت معاملو ڪابينا اجلاس ۾ بحث لاءِ موڪلڻ جي هدايت ڪئي هئي عدالت عملدارن کي عملدرآمد لاءِ رپوٽ گهرائي هئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو