259

ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 60 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، 2963 نوان ڪيس ظاهر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 60 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن، جڏهن ته 2963 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. رپورٽن مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جون 33610 ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 2963 ڄڻن کي ڪورونا جي تصديق ٿي، جڏهن ته وائرس سبب 60 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو