216

چيچاوطني ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري 3 ڀائرن کي قتل ڪري ڇڏيو، هڪ جوابدار گرفتار

چيچاوطني (ويب ڊيسڪ) چيچاوطني ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري 3 ڀائرن کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته پوليس هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس مطابق جوابدار عثمان جي ٽن ڀائرن سان منهن ماري ٿي، جنهن تي جوابدار پنهنجا ساٿي ساڻ ڪري فائرنگ ڪري فرار ٿي ويو، فائرنگ سبب ٽن سڳن ڀائرن کي گوليون لڳيون، جنهن جي نتيجي ۾ هو ٿڏي تي مارجي ويا.پوليس مطابق واقعي ۾ ملوث هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻين جي ڳولا جاري آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو