271

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اڄ ٿيندڙ اجلاس اوچتو ملتوي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اڄ ٿيندڙ اجلاس اوچتو ملتوي ڪيو ويو آهي. رپورٽن مطابق اي سي سي جو اهم اجلاس اڄ 9 ڊسمبر تي سڏايو ويو هو،  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ وفاقي حڪومت اجلاس اوچتو ملتوي ڪري ڇڏيو. ٻڌايو پيو وڃي ته عدالتي فيصلي کانپوءِ ناڻي واري صلاحڪار جي اي سي سي جي سربراهي ڪرڻ تي قانوني سوال اٿڻ واري امڪان تي اوچتو اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي، اڄوڪي ٿيندڙ اجلاس ۾ 7 نقاطي ايجنڊا پڻ جاري ڪئي وئي هئي، پر بنا ڪنهن سبب جي اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو