296

عظميٰ بخاري، راحيلا خادم، عنيزه فاطمه ۽ سميع خان پنهنجي استعيفيٰ پارٽي وٽ جمع ڪرائي ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ ) نواز ليگ جي ميمبرن عظميٰ بخاري، راحيلا خادم، عنيزه فاطمه ۽ سميع خان پنهنجي استعيفيٰ پارٽي وٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي طرفان اسيمبلي ميمبرن کان استعيفائون پارٽي قيادت وٽ جمع ڪرائڻ واري هدايت کان پوءِ ن ليگ جي ميمبرن طرفان استعيفائون جمع ڪرائڻ جو سلسلو جاري آهي، جنهن ۾ عظميٰ بخاري، راحيلا خادم، عنيزه فاطمه ۽ سميع خان پنهنجي استعيفيٰ پارٽي وٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. عنيز فاطمه پنهنجي استعيفيٰ ۾ چيو آهي ته موجوده حڪومت عوامي مسئلا حل ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي، ملڪي مسئلا صرف نواز شريف ۽ شهباز شريف جي قيادت ۾ ئي حل ٿي سگهن ٿا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو