فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) فيصل آباد ۾ ڏيڍ سال اڳ مريم نواز جي حمايت ۾ ريلي ڪڍڻ تي ليگي اڳواڻن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. ن ليگ جي اسيمبلي ميمبر ايم اين اي شهباز بابر، ايم پي اي شفيق گجر ۽ اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر اعجاز ورڪ جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن ۽ پوليس کي انهن کي 9 ڊسمبر تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو ويو آهي. ن ليگ جي اسيمبلي ميمبرن تي 21 جولاءِ 2019ع تي مريم نواز جي آمد جي موقعي تي ريلي ڪڍڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو، جڏهن ته ڪيس ۾ 50 نامزد ۽ 350 اڻڄاتل ماڻهن کي نامزد ڪيو ويو هو، عدالت پاران ڪيترائي ڀيرا سڏڻ باوجود پيش نه ٿيڻ تي گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن.
216