378

اداڪاره نيلم منير به عالمي وبا ڪورونا ۾ مبتلا، پاڻ کي آئسوليٽ ڪيو آهي: نيلم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور اداڪاره نيلم منير به عالمي وبا ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي وئي آهي، نيلم منير ڪورونا وائرس ۾ مبتلا هجڻ متعلق ” ڪورونا هڪ حقيقت آهي ۽ اسان جو ان جو مقابلو ڪرڻ گهرجي“ جي عنوان سان سوشل ميڊيا جي ويب سائيٽ انسٽاگرام تي پوسٽ سان گڏ هڪ تصوير شيئر ڪئي آهي، انسٽاگرام پوسٽ ۾ اداڪاره نيلم منير جو چوڻ آهي ته مان اوهان سڀني کي ڪجهه ضروري ڳالهيون ٻڌائڻ چاهيان ٿي، جن ۾ آئون ۾ آئون ڪجهه ڏينهن کان گذري رهي آهي، اداڪاره مطابق ڪورون اوائرس جي ٽيسٽ مثبت آئي آهي، جڏهن ته ان جا سمورا گهر ڀاتي ان کان محفوظ آهن، هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته هن صورتحال ۾ منهنجي ۽ منهنجي ڪٽنب لاءِ وڏو چئلينج آهي. مون پاڻ کي گهر ۾ ئي آئسوليٽ ڪيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو