279

ليگي اڳواڻن حڪومتي زيادتين تي انساني حقن واري ڪميشن کي چارٽر آف ڊمانڊ پيش ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگي اڳواڻن انساني حقن واري ڪميشن کي حڪومتي زيادتين تي پنهنجو  چارٽر آف ڊمانڊ پيش ڪري ڇڏيو آهي. ن ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق ۽ اياز صادق سميت ٻين اڳواڻن انساني حقن واري ڪميشن جو دورو ڪيو ۽ عهديدارن سان ملاقاتن ۾ حڪومتي زيادتين واري رپورٽ پيش ڪئي. ن ليگي اڳواڻن جو چوڻ هو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ليگي ڪارڪنن سان مسلسل زيادتيون ڪري رهي آهي، شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي جيل ۾ رکيو ۽ جلسي کان اڳ ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ انساني حقن جي خلاف ورزي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو