ڪوئينز ٽائون (ويب ڊيسڪ) نيوزي لينڊ اچڻ کانپوءِ پاڪستاني ڪرڪيٽرن پهرئين سکيا جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، پاڪستاني شاهينن ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن ڪوئنز ٽائون ۾ پهريون سکيا سيشن ڪيو، رانديگرن هيڊ ڪوچ اعجاز احمد جي نگراني ۾ ٽن ڪلاڪن تائين پريڪٽس ڪري پنهنجي پنهنجي غلطين کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ان موقعي تي بيٽسمين حارث سهيل جو چوڻ آهي ته ٻن هفتن جي ٽريننگ کي گهڻو ياد ڪري رهيا آهيون، نيٽ سيشن جي لاءِ گهڻو خوش هئاسين، 14 ڏينهن جي وقفي کان پوءِ مختصر ٽريننگ آهي آهستي آهستي صورتحال کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون
