سيالڪوٽ (م ڊ ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گهر موڪلڻ جو طريقو بي اعتمادي رٿ آهي، مخالف ڌر اسيمبليءَ ۾ اچي، سيالڪوٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان وڌيڪ چيو ته سياسي ڳالهين جو بهترين هنڌ پارليامينٽ آهي، اتي آئون هر سوال جو جواب ڏيڻ لاءِ به تيار آهيان. قومي معاملن تي ڳالهائڻ کان ڪڏهن به پوئتي نه هٽيا آهيون پر اين آر او تي ڪنهن به صورت ۾ ڳالهيون نه ٿينديون. هن وڌيڪ چيو ته گهر موڪلڻ جو آئيني طريقو بي اعتمادي رٿ آهي، مخالف ڌر اسيمبليءَ ۾ اچي بي اعتمادي رٿ پيش ڪري. عمران خان وڌيڪ چيو ته 11 پارٽيون گڏجي به تحريڪ انصاف جهڙا جلسا ڪري ئي نه ٿيون سگهن. ان کان اڳ هڪ تقريب ۾ خطاب ڪندي عمران خان چيو ته افسوس آهي ته لاڪ ڊائون نه ڪرڻ تي تنقيد ڪندڙ اپوزيشن اڄ پاڻ جلسا ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته عوامي مسئلن جي حل لاءِ موثر بلدياتي نظام آڻي رهيا آهيون، شهرن ۾ سٽي گورنمينٽس ٺاهيون وينديون ۽ اپريل کان پوءِ ميئر جي چونڊ سڌي ريت ٿيندي. شهري حڪومتون پنهنجا مقامي مسئلا پاڻ حل ڪري سگهندا.
258