251

ڄامشورو ۾ ايس ٽي پي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو

ڄامشورو: ڄامشوري ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي وائيس چيئرمين شهيد الطاف جسڪاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي  مظاهرو ڪيو ويو آهي.ايس ٽي پي ڄامشورو جي سڏ تي ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ گوتم چنا، مبين تيوڻو، علي شير ڇڇر، سماجي اڳواڻ ساگر الاهي بخش عالماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلوي ڦاٽڪ کان جي ايم سيد چوڪ تائين ريلي ڪڍي احتجاجي  مظاهرو ڪيو ويو. احتجاجي مظاهري ۾ جسقم، ايس يو پي، جي يو آءِ، پي ٽي آءِ، سنڌي ادبي سنگت، پ ٽ الف ۽ ايپڪا سوڌو سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ساگر جمن بڙدي، بادل نوحاڻي، باغي جي ايم شورو، احسان عالماڻي، انور بليدي ۽ ٻين حمايت طور شرڪت ڪئي. احتجاجي مظاهري ۾ شريڪ ماڻهو نعريبازي ڪندي الطاف جسڪاڻي جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي  خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي ڏوهه ۾  ايس ٽي پي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي کي قتل ڪيو  ويو آهي، سندس قاتلن کي گرفتار ڪري سندس وارثن سان انصاف ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو