276

هڪ ٻي ڀارتي اداڪاره آپگهات ڪري ڇڏيو، پوليس پاران جاچ شروع

ممبئي (ويب ڊيسڪ) 28 ورهين جي تامل اداڪاره چترا ڪامراج ڀارتي شهر چنئي ۾ آپگهات ڪري ڇڏيو آهي. ڀارتي ميڊيا مطابق چترا ڪامراج گذريل رات اڍائي وڳي شوٽنگ کانپوءِ پنهنجي هوٽل جي ڪمري ۾ آئي ۽ اڌ يا ڪلاڪ اندر ڳچيءَ ۾ رسو وجهي ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو. اداڪاره چترا ڪامراج سان گڏ هوٽل ۾ رهندڙ سندس مڱيندي هيمنٿ پوليس کي ٻڌايو ته چترا شوٽنگ کان واپس ايندي ئي وهنجڻ وئي ۽ گهڻي دير تائين هو ٻاهر نه آئي ته مون دروازو کڙڪايو، جتان به جواب نه آيو ته هوٽل انتظاميا کي دروازي جي ٻي چاٻي ذريعي دروازو کولڻ جو چيو  ۽ جڏهن هوٽل جي عملدارن سان گڏجي دروازو کوليو ته چترا ڪامراج جو لاش نظر آيو. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ هلي رهي آهي، جاچ کان اڳ ڪجهه چئي نٿو سگهجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو